وفاقي وزيرن جي سم ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جو انڪشاف، جاچ ڪميٽي قائم

فہرستِ مضامین

وفاقي گھرو وزير محسن نقوي وفاقي وزيرن ۽ ٻين اھم شخصيتن جي موبائيل ۽ سمز جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي آھي.

وفاقي گھرو وزير محسن نقوي جي ھدايت تي نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي پاران ڪميٽي قائم ڪئي وئي.

جاچ ڪميٽي وفاقي وزيرن جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي ھر پاسي کان جاچ ڪري ذميوارن جو تعين ڪندي.

ڪميٽي کي معاملي جي جاچ بعد 14 ڏينھن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي.

ذريعن موجب انٽرنيٽ تي ملڪ جي اھم شخصيتن، وفاقي وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي ڊيٽا وڪرو ٿي رھي آھي.

گھرو وزير محسن نقوي کان وٺي پي ٽي اي چيئرمين تائين سمورن شخصيتن جي سڃاڻپ ڪارڊ جون تصويرون، ڪال ڊيٽا رڪارڊ ۽ ٻيا تفصيل مختلف ويب سائيٽس تي وڪرو ٿين پيا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں