اسلام آباد : وفاقي حڪومت 9 مئي جي ڪيسن جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي پرڏيھ وڃڻ تي پابندي لڳائيندي سندس نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ( ايِ سي ايل) ۾ شامل ڪرڻ جي باضابطہ منظوري ڏئي ڇڏي آھي.
ذريعن موجب فھرست ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان، شاھ محمود قريشي، عمر ايوب، فواد چوڌري ۽ شبلي فراز جا نالا شامل آھن، ان کانسواءِ علي امين گنڊاپور، شھريار آفريدي ۽ عثمان ڊار جي پرڏيھ وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي آھي.
ذريعن موجب شيرين مزاري، زرتاج گل، مسرت چيما ۽ ڪنول شوذب جا نالا بہ اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آھن، جڏھن تہ شيخ رشيد، طاھر صادق، راجا بشارت ۽ ٻيا پرڏيھ ملڪ سفر نہ ڪري سگھندا.
ذريعن موجب پنجاب جي گھرو کاتي وفاق حڪومت ڏانھن پي ٽي آءِ جي 132 اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش اماڻي ھئي، ھي قدم ملڪ ۾ سياسي سرگرمين ۽ امڪاني غيرقانوني سرگرمين جي نگراني لاءِ کنيو ويو…