وفاقي حڪومت طرفان ٻوڏ متاثرن کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ تي غور

فہرستِ مضامین

وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ  تي غور شروع ڪري ڇڏيو آھي.

ذريعن جو چوڻ آھي تہ وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن کي بجلي جي بلن ۾ جنرل سيلز ٽيڪس، ايف سي سرچارج ۽ فڪس چارجز ختم ڪرڻ تي غور ڪري رھي آھي.

ذريعن موجب فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ تي سيلز ٽيڪس جي خاتمي تي بہ غور ڪيو پي وڃي.

ذريعن جو چوڻ آھي تھ ان کانسواءِ بجلي جي بلن تي انڪم ٽيڪس ۽ رٽيلر سيلز ٽيڪسي جي خاتمي تي بھ غور جاري آھي.

گذريل ڏينھن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں