اسلام آباد: وفاقي حڪومت پاران پھرين 20 مھينن ۾ ورتل قرض جا تفصيل سامھون اچي ويا آھن، موجود حڪومت جي شروعاتي 20 مھينن دوران قرضن ۾ 12 ھزار 169 ارب رپين جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ ھي اضافو مارچ 2024 کان آڪٽوبر 2025 دوران ٿيو.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي دستاويزن موجب مارچ 2024 کان آڪٽوبر 2025 جي 20 مھينن دوران وفاقي حڪومت جي مقامي قرضن ۾ 11 ھزار 300 ارب رپيا ۽ وفاقي حڪومت جي پرڏيھي قرضن ۾ 869 ارب رپين جو اضافو ٿيو، جنھن بعد وفاقي حڪومت جو قرض آڪٽوبر 2025 تائين وڌي 76 ھزار 979 ارب رپيا ٿيو، جڏھن تہ فيبروري 2024 تائين وفاقي حڪومت جا قرض 64 ھزار 810 ارب رپيا ھئا.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي دستاويزن موجب فيبروي 2024 تائين مرڪزي حڪومت جو مقامي قرض 42 ھزار 675 ارب رپيا ھو، جيڪو آڪٽوبر 2025 تائين وڌي 53 ھزار 975 ارب رپيا ٿيو.
اھڙي طرح فيبروي 2024 تائين وفاقي حڪومت جو پرڏيھي قرض 22 ھزار 134 ارب رپيا ھو ۽ آڪٽوبر 2025 تائين مرڪزي حڪومت جو پرڏيھي قرض 23 ھزار ارب رپين کان وڌي چڪو آھي…….