وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم جي ايم اين ايز کي 20 ارب روپيا جاري ڪري ڇڏيا

فہرستِ مضامین

وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ايم اين ايز کي ڪراچي ۽ حيدرآباد پيڪيج تحت 20 ارب روپيا جاري ڪيا آھن.

ايم ڪيو ايم جي ڪراچي ۽ حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ايم اين ايز پنھنجي علائقن جون ترقياتي اسڪيمون پاڪستان انفرا اسٽرڪچر ڪمپني (پي آءِ ڊي سي ايل) وٽ جمع ڪرايون، جتان اسڪروٽني مڪمل ٿي وئي آھي.

اھي اسڪيمون سي ڊي ڊبليو پي مان گذري چڪيون آھن، جلد ايڪنڪ مان منظوري بعد ٽينڊرنگ جو عمل شروع ٿي ويندو.

پي آءِ ڊي سي ايل ترقياتي فنڊ اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته وفاق مان ن ليگ خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ ايم اين ايز لاءِ به ترقياتي فنڊ مليو آھي.

ترجمان موجب مجموعي طور تي 26 ارب رپين جي رقم جاري ٿي آھي، ڪراچي سان تعلق رکندڙ ايم ڪيو ايم جي ھر ميمبر کي 25 ڪروڙ روپيا ڏنا ويا آھن، جنھن ذريعي جلد ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ترقياتي اسڪيمون نظر اينديون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں