اسلام آباد ۾حڪومت جي معاشي ٽيم سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو تہ جٽادار معاشي سڌارن لاءِ بنيادي سڌارا اڻٽر ٿي ويا آھن، ملڪي معيشت صحيح دڳ تي آھي.
ھن چيو تہ وياج شرح ۾ گھٽتائي سان معيشت تي بھتر اثر ٿي رھيا آھن، آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاھدو معاشي استحڪام جي توثيق آھي، جڏھن تہ عالمي ريٽنگ ايجنسيز پاڪستان جي معاشي استحڪام جو اعتراف ڪيو آھي.
محمد اورنگزيب جو چوڻ ھو تہ ملڪ ۾ معاشي استحڪام آيو آھي، اسان مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام لاءِ گھڻو ڪم ڪيو آھي.
ناڻي واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو تہ ٽيڪس نظام ۽ توانائي سميت ٻين شعبن ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، پينشن سڌارا ۽ ادارن جي رائيٽ سائزنگ بہ سڌارن جو حصو آھن.