وفاقي حڪومت، فيض حميد کي سزا ٻڌائڻ واري فيصلي کي تاريخي قرار ڏئي ڇڏيو.
اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو آھي تہ فيض حميد کي قيد جي سزا ٻڌائڻ وارو فيصلو تاريخي ۽ حق تي ٻڌل آھي، پاڪ جو سسٽم مضبوط آھي، قانوني مڪينزم مضبوط آھي.
ھن چيو تہ فيض حميد تحريڪ انصاف جي صلاحڪار طور ملڪ ۾ سازشون ڪيون ۽ ريڊ لائن ڪراس ڪئي، اڄ ريڊ لائن ڪراس ڪندڙ شخص کي اڄ سزا ٿي آھي.
عطا تارڙ جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ 9 مئي جھڙي واقعن ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ رياست خلاف بغاوت ڪرڻ ان تي ثابت ٿيو آھي، اھڙي فيصلي سان قانون کي ھٿي ملندي..