اسلام آباد : وفاقي آئيني عدالت سپريم ڪورٽ ۾ موجود 79 ڪروڙ 42 لک رپين جي رقم کي ٻيھر سيڙپڪاري ۾ لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.
آئيني عدالت هدايت ڪئي آهي تہ رقم نیشنل بينڪ آف پاڪستان ذريعي ٽريزري بلز ۾ ٻيهر سيڙائي وڃي، جڏھن تہ عدالت سپريم ڪورٽ کان ڄاڻايل رقم طلب ڪرڻ ۽ رجسٽرار کي فوري ضروري قدم کڻڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي.
نیشنل بينڪ موجب وفاقي آئيني عدالت جي حڪم کانسواءِ رقم جي ٻيهر سيڙپ ممڪن نہ هئي، جڏھن تہ رقم جي آخري سيڙپ 4 سيپٽمبر 2025 تي ٽريژري بلس ۾ ڪئي وئي هئي، جيڪا 27 نومبر 2025 تي ميچيور ٿي چڪي هئي.
عدالت پاران ايس بي ڪمپليڪس اونرز ويلفيئر ايسوسي ايشن جي درخواست تي جاري ڪيو ويو، جنھن جي ٻڌڻي چيف جسٽس امين الدين جي سربراھي ۾ ٽہ رڪني بينچ ڪئي، جڏھن تہ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي فيبروي 2026 ع جي پھرين ھفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…….