اسلام آباد : وفاقي آئيني عدالت ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز جي انٽرا ڪورٽ اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آھي
وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بئنچ 24 نومبر تي انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪندي.
بئنچ ۾ جسٽس حسن رضوي، جسٽس باقر نجفي، جسٽس ڪي ڪي آغا، جسٽس روزي خان ۽ جسٽس ارشد حسين شاهہ پڻ شامل آهن۔
سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ اسلام آباد ۾ ججز جي بدلي کي درست قرار ڏنو هو، جنهن خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي۔