وفاقي آئيني عدالت  ڪڻڪ  جي ڪوٽا بابت سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

وفاقي آئيني عدالت  ڪڻڪ  جي ڪوٽا بابت سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آھي.

چيف جسٽس امين الدين جي سربراھي ۾ 3 رڪني بينچ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

سنڌ حڪومت 31  مئي 2023 تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ھئي.

ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سبطين محمود عدالت ۾ پيش ٿيو،

سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو تہ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جون ھدايتون آئين موجب ناھن.

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل موقف اختيار ڪيو تہ پاليسي ٺاھڻ جو اختيار ايگزيڪيوٽو جو آھي.

جسٽس علي باقر نجفي چيو تہ ايگزيڪيوٽو ھميشہ پاليسي ٺاھي اعلان ڪري ٿي،

عدالت سنڌ حڪومت جي اپيل منظور ڪندي ھاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں