وفاقي آئيني عدالت ارشد شريف ڪيس اڪلائي ڇڏيو، لکت ۾ فيصلو جاري

فہرستِ مضامین

وفاقي آئيني عدالت صحافي ارشد شريف جي قتل بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس اڪلائيندي چيو آھي تہ جاچ جي نگراني عدالت جو ڪم ناهي، اها ذميواري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي آهي، جڏهن تہ پاڪستان ۽ ڪينيا وچ ۾ قانوني ۽ سفارتي سهڪار تحت جاچ جو عمل جاري رھندو.

جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو تہ ڪنهن به ڌر جاچ واري عمل يا ايس جي آءِ ٽي جي جوڙجڪ تي اعتراض ناهي ڪيو ۽ اهو ته جاچ ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي، عدالت جو ان بنياد تي نوٽيس ڪيس نمٽايو ويو.

ارشد شريف ڪيس جو پس منظر

صحافي ارشد شريف 23 آڪٽوبر 2022 تي ڪينيا جي ڪاجيادو ڪائونٽي ۾ پوليس فائرنگ سبب مارجي ويو هو،  هو ٽويوٽا لينڊ ڪروزر گاڏي ۾ سفر ڪري رھيو هو، جڏھن ڪينيا جي جنرل سروسز يونٽ (GSU) جي اهلڪارن گاڏي تي فائرنگ ڪئي. ڪينيا پوليس موجب اهلڪارن کي هڪ چوري ٿيل گاڏي بابت اطلاع مليو ھو  ۽ جنهن گاڏي ۾ ارشد شريف موجود هو، اها ناڪي تي نه بيٺي.

پاڻمرادو نوٽيس ۽ جاچ ڪميٽي

واقعي کانپوءِ پاڪستان ۾ سخت ردعمل سامهون آيو ۽ 6 ڊسمبر 2022 تي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو،  ساڳئي ڏينهن اسلام آباد جي ٿاڻي رمنا ۾ قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي،وفاقي حڪومت اسپيشل جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي.

ڪميٽي ارشد شريف جي ويجهن ماڻهن جا بيان قلمبند ڪيا، گڏيل عرب امارات ۽ ڪينيا جي عملدارن سان رابطا ڪيا، ڪينيا جي ڪيس فائيل جو جائزو ورتو ۽ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر کان معلومات حاصل ڪئي. ٽيم جي تفصيلي رپورٽ عوام آڏو ظاهر نه ڪئي وئي

عدالت کي آگاهه ڪيو ويو تہ پاڪستان ۽ ڪينيا وچ ۾ گڏيل قانوني مدد (MLA) جو معاهدو ٿي چڪو آهي، جنهن تحت ثبوتن جي ڏي وٺ ۽ جاچ ۾ سهڪار ڪيو پيو وڃي، مبينا جوابدارن خلاف بليڪ وارنٽس به جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ارشد شريف جي وارثن ڪينيا جي عدالت ۾ به قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڪيس جو فيصلو

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڪنهن به ڌر جاچ واري عمل يا ايس جي آءِ ٽي جي جوڙجڪ تي اعتراض ناهي ڪيو ۽ اهو ته جاچ ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي، عدالت جو نه. ان بنياد تي ازخود نوٽيس ڪيس نمٽايو ويو.

عدالتي فيصلي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته هي فيصلو ڪنهن فرد کي ڏوهاري يا بيڏوھي قرار نٿو ڏئي ۽ نه ئي قتل جي سببن بابت ڪو حتمي نتيجو ڪڍيو ويو آهي. جاچ پاڪستاني ۽ ڪينين اختيارين وسيلي جاري ررھندي، جڏهن ته متاثر ڌر ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ لاڳاپيل فورمن سان رجوع ڪري سگهي ٿي.

ارشد شريف ڪير ھو؟

ارشد شريف هڪ مشهور پاڪستاني صحافي ۽ اينڪر هو، جيڪو سياسي ۽ تحقيقي رپورٽنگ سبب سڃاتو ويندو هو، سندس قتل کي پاڪستان ۾ صحافين جي سلامتي بابت هڪ وڏو سوال قرار ڏنو وڃي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں