وطن جي دفاع تي ڪا بہ سوديبازي نہ ٿيندي، دشمن جي ھر جارحيت جو منھن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو: وزيراعظم

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: وزيراعظم شھباز شریف افغان طالبان کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي آھي.

وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو تہ پاڪ فوج ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي ۽ سندن عزم آهي تہ ملڪ جي امن ۽ تحفظ تي ڪا آڱر کڻڻ نہ ڏني ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منیر جي قيادت هيٺ فوجون جذبي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رھيون آھن.

وزيراعظم واضح ڪيو تہ فوج پيشوراڻي صلاحيتن ۽ اثرائتي دفاعي حڪمتِ عملي سان ليس آھي ۽ ڪنهن بہ اندروني يا بيروني چئلينج کي منهن ڏيڻ جي مڪمل سگھ رکي ٿي .

وزيراعظم چيو تہ وطن جي دفاع تي ڪا بہ سوديبازي نہ ڪئي ويندي ۽ دشمن جي ھر جارحيت جو منھن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

وزيراعظم چيو تہ پاڪستان هميشه امن کي ھٿي وٺرائي آھي ۽ ملڪي سلامتي تي ڪا آڱر کڻڻ نہ ڏني ويندي، قوم پاڪ فوج سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل آھي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں