وزیراعظم پاران خيبرپختونخوا ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا دريافت ٿيڻ تي قوم کي واڌايون

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : وزیراعظم شهباز شريف ڪوھاٽ ضلعي جي ناشپا بلاڪ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏني آھي ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪم جي تعريف ڪئي آھي.

وزیراعظم جي صدارت ۾ پيٽروليم ڊويزن جي اهم اجلاس ۾ آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني (OGDCL) پاران پيٽروليم ۽ گئس شعبي جي روڊ ميپ بابت بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ شهباز شريف زور ڏنو تہ ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي دريافت قومي ترجيحن ۾ شامل هجي، جيئن پيٽروليم شين جي درآمد تي خرچ ٿيندڙ ناڻو بچائي سگھجي.

وزیراعظم تيل ۽ گئس جي سپلائي چين کي درآمد کان وٺي صارفين تائين ترجيحي بنيادن تي ڊجيٽلائز ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن سان شين جي اسمگلنگ روڪي سگھبي ۽ قومي خزاني کي فائدو پهچندو.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو تہ ناشپا بلاڪ مان روزانو 4,100 بيرل تيل حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ هن سال سردي جي موسم ۾ گهريلو صارفين کي گذريل سال جي مقابلي ۾ بهتر پريشر سان گئس فراهم ڪئي پئي وڃي.

آر ايل اين جي جي ڪنيڪشنز تي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ جون 2026 تائين 3 لک 50 هزار ڪنيڪشنز جو ٽارگيٽ مڪمل ڪيو ويندو، شيوا گئس فيلڊ ۽ بٽاني گئس فيلڊ لاءِ پائپ لائنون ڪميشن ٿي چڪيون آهن، جڏھن تہ ڪوٽ پالڪ گئس فيلڊ مان پائپ لائن تي ڪم جاري آهي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں