وزير اعظم گڏيل قومن جي تقرير لکڻ جو ٽاسڪ ڏنو ۽ وفد جو حصو بڻايو، خواجہ آصف پنھنجي حڪومت خلاف ڇو بيان ڏئي رھيو آھي؟ شمع جوڻيجو

فہرستِ مضامین

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران پاڪستاني وفد ۾ بچاء واري وزير خواجه آصف جي پويان ويٺل عورت شمع جوڻيجو بابت پاڪستان جي پرڏيھي وزارت ۽ بچاءَ واري وزير خواجہ آصف وضاحتون ڪيون ۽ کيس سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو پر ھاڻ شمع جوڻيجو خواجہ آصف جي ساک تي سوال اٿاريا آھن.

ڊاڪٽر شمع جوڻيجو ايڪس تي پنھنجي بيان ۾ وضاحت ڪئي آھي تہ ” مان گذريل ڪيترن مهينن کان پاڪستان ۽ وزيراعظم لاءِ ڪم ڪري رهي هيس!

پاڪ-ڀارت جنگ دوران پاليسي بريف، ايڊوائس ۽ پوائنٽس سڀ ريڪارڊ جو حصو آهن ۽ محفوظ ٿيل آهن، وزيراعظم مونکي گڏيل قومن جي تقرير لکڻ جو ٽاسڪ ڏنو. ۽ پاڻ مون کي وفد جو حصو بڻايو. منهنجو نالو باقاعدا ايڊوائزر طور شامل ڪيو ويو ۽ منهنجو سيڪيورٽي پاس به ان حوالي سان ئي جاري ڪيو ويو.

شمع جوڻيجو موجب ھن پاڪستاني وفد سان گڏ ڏينهن رات ڪم ڪيو، سفر ڪيو، سندن ۽ ٽيم سان گڏ ساڳئي هوٽل ۾ رهياسين، بِل گيٽس جهڙين اهم سايڊ لائين ميٽنگز جو حصو هيس، جن جا فوٽيجز ٽي وي تي به نشر ٿيا.

شمع جوڻيجو موجب ڪلائيميٽ ڪانفرنس ۾ وزيراعظم جي پٺيان مان ۽ اسحاق ڊار صاحب گڏ ويٺا هئاسين، جن جي وزارت مون بابت اهو ٽوئيٽ ڪيو ته مان وفد جو حصو نه هيس.

.هن ڪانفرنس کانپوءِ پروٽوڪول ٽيم وارن مون کي AI ڪانفرنس ۾ وٺي ويا، جتي خواجه آصف جي پٺيان بلال ۽ مان سمورو وقت نه صرف گڏ ويٺا رهياسين پر بلال نئين تقرير به تيار ڪري رهيو هو. تقرير کان پوءِ اسان گڏجي چانهه پيتي، گاڏي جي انتظار ۾ چاليهه منٽ گڏ ويٺا رهياسين، ٻيهر تصويرون ڪڍيون ۽ ٽنهي گڏجي ساڳئي ڪار ۾ واپس هوٽل به آياسون.

خواجه صاحب ڪار ۾ پٺتي منهنجي ڀرسان ويٺل هئا.

آخرين ڏينهن وزيراعظم جي تقرير جي وقت به مان سڀني سان گڏ گڏيل قومن ۾ موجود هيس، جتي خواجه آصف منهنجي سامهون ويٺو هو ۽ اسان سڀني گڏجي وزيراعظم لاءِ تاڙيون وڄايون.
وزيراعظم جي اها تاريخي تقرير فقط منهنجي لکيل نه هئي، اها اسان سڀني جي ٽيم ورڪ جو حصو هئي ۽ اسان سڀني جي محنت شامل هئي. منهنجي واپسي جي فلائيٽ به اڳواٽ طئي ٿيل هئي. ۽ مشن پروٽوڪول وارا پاڻ مون کي ايئرپورٽ تائين ڇڏڻ آيا

شمع جوڻيجو لکيو تہ هاڻي خواجه آصف اهڙا بيان ڇو ڏئي رهيا آهن ۽ ڪهڙي ايجنڊا تحت پنهنجي حڪومت جي هڪ تاريخي دوري کي بدنام ڪري رهيا آهن، اهو وزيراعظم کي انهن کان پڇڻ گهرجي،ڇاڪاڻ⁠ته سندن اٿارٽي کي چيلينج ڪيو ويو آهي، منهنجي کي نه!

پرڏيھي کاتي جي وضاحت

گڏيل قومن  جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران پاڪستاني وفد ۾ بچاء واري وزير  خواجه آصف جي پويان ويٺل عورت بابت سوشل ميڊيا تي نئون بحث ڇڙيو ھو پرڏيهي وزارت باضابطه وضاحت جاري ڪئي ھئي۔

پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو ته اها عورت پاڪستاني وفد جي باضابطه فهرست ۾ شامل نه هئي ۽ نه ئي سندس نالو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي طرفان صحيح  ٿيل سرڪاري “ليٽر آف ڪريڊنس” ۾ موجود هو۔  وزارت مطابق، اجلاس ۾ سندس ويهڻ لاءِ  ڪابه منظوري نه ڏني وئي هئي۔

شمع جوڻيجو آھي ڪير؟

سوشل ميڊيا تي سوال اٿاريو پيو وڃي ته اها عورت هئي ڪير ؟  ڄاڻايل  شخصيت شمع جوڻيجو آهي، جيڪا اڳ پي ٽي وي جي سنڌي  ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي۔ شمع جوڻيجو جو تعلق سنڌ جي ضلعي دادو جي علائقي پاٽ شريف سان آهي۔

تعليمي سفر دوران سندس شادي سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائي وقت پوليس آفيسر جمشيد قاضي سان ٿي، جنهن کان پوءِ هوءَ سفارتي حلقن سان لاڳاپيل معاملن ۾ به سرگرم رهي۔

مليل ڄاڻ مطابق، شمع جوڻيجو هن وقت مسلم ليگ (ن) جي حق ۾ سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس (Twitter) تي فعال آهي ۽ پارٽي پاليسين جي کلي حمايت ڪري ٿي۔ ساڳي وقت سندس بي شمار ٽوئيٽ پي ٽي آء جي قيادت ۽ انهن جي پاليسين خلاف ڏسڻ لاءِ ملن ٿا .

بچاء واري وزير خواجه آصف پڻ وضاحت ڪندي چيو آهي ته “وزيراعظم جي مصروفيت سبب مون کي تقرير ڪرڻي پئي، جڏهن ته منهنجي پويان ويٺل عورت بابت سوالن جو اختيار پرڏيهي کاتي وٽ آهي۔”

ان سموري صورتحال بابت  سوشل ميڊيا تي بحث جاري آهي ته شمع جوڻيجو جي گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شموليت  ڪهڙي بنياد تي ٿي ۽ کيس ڪهڙي حيثيت ۾ اجلاس ۾ ويهڻ جو موقعو مليو۔ ان حوالي سان جاري بحث ۾ پرڏيهي وزارت ۽ وفاقي سرڪار تي تنقيد جو سلسلو هلندڙ آهي

شمع گل کي وزير اعظم شھباز شريف ذميواري ڏني ھئي؟

ايڪس تي قسمت خان نالي يوٽيوبر قسمت خان پنھنجي وڊيو ۾ اِھا دعويٰ ڪئي تہ ھُن ”شمع جوڻيجو“ کان اِن بابت سوال ڪيو ھو تہ ھوءَ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪھڙي حيثيت سان شامل ھئي، جنھن تي ڊاڪٽر شمع جوڻيجو کيس ٻڌايو ھو تہ ھوءَ سرڪاري طور تي وفد جو حصو ھئي، ان موجب کيس وزير اعظم شھباز شريف اسپيچ رائٽنگ اسائين ڪئي ھئي، ڊاڪٽر شمع جوڻيجو موجب اپريل 2025 کان وزير اعظم کين تقرير لکندڙ ٽيم ۾ نامزد ڪيو ھو، اِھو سڀ آفيشل آھي.

مان گذريل ڪيترن مهينن کان پاڪستان ۽ وزيراعظم صاحب شھباز شريف لاءِ لاءِ ڪم ڪري رهي هيس!
پاڪ-ڀارت جنگ دوران منهنجا پاليسي بريف، ايڊوائس ۽ پوائنٽس سڀ ريڪارڊ جو حصو آهن ۽ محفوظ ٿيل آهن.
وزيراعظم صاحب مون کي گڏيل قومن جي تقرير لکڻ جو ٽاسڪ ڏنو. ۽ پاڻ مون کي وفد جو حصو بڻايو. منهنجو نالو باقاعده ايڊوائزر طور شامل ڪيو ويو ۽ منهنجو سيڪيورٽي پاس به ان حوالي سان ئي جاري ڪيو ويو. مون سندن ٽيم سان گڏ ڏينهن رات ڪم ڪيو. مون سندن سان سفر ڪيو، سندن ۽ ٽيم سان گڏ ساڳئي هوٽل ۾ رهياسين، سندن بِل گيٽس جهڙين اهم سايڊ لائين ميٽنگز جو حصو هيس، جن جون فوٽيجز ٽي وي تي به هليون. ڪلائيميٽ ڪانفرنس ۾ وزيراعظم صاحب جي پٺيان مان ۽ اسحاق ڊار صاحب گڏ ويٺا هئاسين، جن جي وزارت مون بابت اهو ٽوئيٽ ڪيو ته مان وفد جو حصو نه هيس.
هن ڪانفرنس کان پوءِ پروٽوڪول ٽيم وارن مون کي AI ڪانفرنس ۾ وٺي ويا، جتي خواجه آصف جي پٺيان بلال ۽ مان سمورو وقت نه صرف گڏ ويٺا رهياسين پر بلال نئين تقرير به تيار ڪري رهيو هو. تقرير کان پوءِ اسان گڏجي چانهه پيتي، گاڏي جي انتظار ۾ چاليهه منٽ گڏ ويٺا رهياسين، ٻيهر تصويرون ڪڍيون، ۽ ٽنهي گڏجي ساڳئي ڪار ۾ واپس هوٽل به آياسون. خواجه صاحب ڪار ۾ پٺتي منهنجي ڀرسان ويٺل هئا.

آخرين ڏينهن وزيراعظم جي تقرير جي وقت به مان سڀني سان گڏ گڏيل قومن ۾ موجود هيس، جتي خواجه آصف منهنجي سامهون ويٺو هو ۽ اسان سڀني گڏجي وزيراعظم لاءِ تاڙيون وڄايون.
وزيراعظم جي اها تاريخي تقرير فقط منهنجي لکيل نه هئي، اها اسان سڀني جي ٽيم ورڪ جو حصو هئي، ۽ اسان سڀني جي محنت شامل هئي. منهنجي واپسي جي فلائيٽ به اڳواٽ طئي ٿيل هئي. ۽ مشن پروٽوڪول وارا پاڻ مون کي ايئرپورٽ تائين ڇڏڻ آيا.

هاڻي خواجه صاحب اهڙا بيان ڇو ڏئي رهيا آهن، ۽ ڪهڙي ايجنڊا تحت پنهنجي حڪومت جي هڪ تاريخي دوري کي بدنام ڪري رهيا آهن، اهو وزيراعظم صاحب کي انهن کان پڇڻ گهرجي!
ڇاڪاڻ⁠ته سندن اتھارٽي کي چيلينج ڪيو ويو آهي، منهنجي کي نه!

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں