ڊبليو ٽي اين جي لائيو سيڪشن ۾ ڀليڪار
پي ٽي آءِ باني خلاف ڪيترا ڪيس آھن؟، اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ نيب، ايف آءِ اي ۽ پوليس کان تفصيل گھري ورتا
جسٽس محمد اعظم خان پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي،نيب پراسيڪيوٽر ۽ باني پي ٽي آءِ جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.
باني پي ٽي آءِ جي وڪيل پاران عدالت کان لارجر بينچ جوڙڻ جي درخواست ڪئي وئي
نيب پراسيڪيوٽر باني پي ٽي آءِ خلاف ڪيسن جا تفصيل پيش ڪرڻ لاءِ عدالت کان وقت گھري ورتو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب پراسيڪيوٽر کي 7 ڏينهن جو وقت ٿيندي،ايف آءِ اي ۽ پوليس کان به باني پي ٽي آءِ خلاف تفصيل گھري ورتا.