وزير اعظم شھباز شريف سول ۽ عسڪري قيادت سان گڏ ايندڙ ھفتي سعودي عرب جو دورو ڪندو، ولي عھد سميت اعليٰ قيادت سان ملاقاتون رٿيل

فہرستِ مضامین

وزير اعظم شھباز شريف سول ۽ عسڪري قيادت سان گڏ ايندڙ ھفتي سعودي عرب جو دورو ڪندو، جتي ولي عھد سميت سعودي عرب جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون رٿيل آھن.

سفارتي ذريعن موجب وزير اعظم  ايندڙ ھفتي 3 ڏينھن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿيندو.

وزير اعظم شھباز شريف سان سول ۽ عسڪري قيادت جو اعليٰ سطحي وفد بہ شامل ھوندو، شھباز شريف سعودي ۾ تقريب کي خطاب بہ ڪندو

ان کان اڳ شھباز شريف 17 سيپٽمبر تي سعودي عرب جو غير معمولي دورو ڪيو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں