ڪراچي ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سنڌين خلاف نفرت انگيز ٻولي ڳالھائيندڙ سرڪاري ٽي وي جـَي ھٽايل اينڪر رضوان رضي جي حمايت ۾ بيان جاري ڪندي چيو آھي تہ پنجاب جي ماڻھن سدائين قربانيون ڏنيون آھن، اسان ڪڏھن بہ صوبائي نفرت ناھي پکيڙي.
مسلم ليگ ن جي ايڪس ھينڊل اڪائونٽ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، سنڌين جي توھين ڪندڙ اينڪر رضوان رضي سان يڪجھتي جي اظھار وارو بيان جاري ڪيو آھي.
مريم نواز چيو تہ پنجاب جي عوام سدائين قربانيون ڏنيون آھن پر ڪڏھن بہ نفرت يا ڏڦيڙ جو سبب ناھن بڻيو، رضي دادا جيڪڏھن غير مناسب جملو ڳالھايو ھو تہ ان تي معافي وٺي اعليٰ ظرف جو ثبوت ڏنو ، معافي وٺڻ باوجود رضي دادا کي نشانو بڻائڻ تعصب جي زمري ۾ اچي ٿو.
پنجاب جي وزيراعليٰ جو چوڻ ھو تہ جيڪي ماڻھو صوبائي تعصب کي ھوا ڏين ٿا، نفرت تي ٻڌل بيان پکيڙن ٿا، انھن کان ڪو سوال ناھي ڪندو.
مريم نواز چيو تہ سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي معصوم پنجابين جو رت وھايو وڃي ٿو،اسان ڪڏھن صوبائي تعصب يا نفرت ناھي پکيڙي.
رضوان رضي جي توھين جوڳي وڊيو
رضوان رحمان عرف رضي جي سوشل ميڊيا تي ھڪ وڊيو وائرل ٿي ھئي، جنھن ۾ ھو ڊيمن جو حوالو ڏيندي سنڌي قوم خلاف توھين جوڳي ٻولي استعمال ڪندي عجيب قسم جا اشارہ ڪري رھيو ھو، جنھن بعد مٿس سخت تنقيد ڪئي وئي ھئي.
اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ معاملي جو نوٽيس وٺندي اينڪر رضوان کي معطل ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون ھيون، جنھن بعد پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) انتظاميا سوشل ميڊيا تي شديد ڪاوڙ ۽ تنقيد جي اظهار کانپوءِ اينڪرپرسن رضوان رحمان عرف رضي کي معطل ڪري ڇڏيو ھو.
رضوان عرف رضي پنهنجي هڪ وي لاگ ۾ سنڌين کي” ڀولڙن سان ڀيٽيو هو“ ۽ چيو هو ته سنڌي سڄو ڏينهن سنڌو سنڌو ڪري ٽپا ڏيندا ٿا وتن.
سينيٽر ضمير گهمري سميت سوشل ميڊيا تي ڪيئي سڄاڻ ڌرين رضوان رضي جي اهڙي عمل جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو تعصب پکيڙي رھيو آهي، اُهو رياست جي اهم اداري ۾ ڪيئن ويهي ڪم ڪري سگهي ٿو، کيس پي ٽي وي تان هٽائڻ گهرجي.
سوشل ميڊيا تي اهڙي رد عمل کانپوءِ پي ٽي وي انتظاميا نوٽيس ورتو ۽ پنهنجي اينڪرپرسن رضوان رحمان رضي کي معطل ڪيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن بہ جاري ڪيو ويو ھو.
سنڌ جي ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار شاھ پڻ اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ کي خط لکي مطالبو ڪيو ھو تہ رضوان عرف رضي تي ڪنھن بہ ميڊيا تي ھميشہ لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وڃي.
رضوان رضي تي پابندي جي سفارش
قومي اسيمبلي جـِي اطلاعات ۽ نشريات بابت ڪميٽي سنڌي قوم خلاف توھين جوڳي ٻولي ڳالھائيندڙ سرڪاري ٽي وي جي اينڪر رضوان عرف رضي تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪري چڪي آھي.
ڪجھ ڏينھن اڳ قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ سرڪاري ميڊيا جي اينڪر جي اهڙين ڳالهين تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پي ٽي وي جي انتظاميا طرفان کنيل قدم قومي هم آهنگي کي ٿيندڙ نقصان جو مناسب ازالو نٿو ڪري.
ڪميٽي سفارش ڪئي تہ اينڪر کان نقصان جو ازالو ورتو وڃي ۽ کيس سرڪاري ميڊيا تان بليڪ لسٽ ڪيو وڃي، ڪميٽي اهو بہ واضح ڪيو تہ جيڪي ماڻهو قومي خزاني مان معاوضو وٺن ٿا، انهن لاءِ ضابطہ ۽ اصول هجڻ لازمي آهن.