پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تصديق ڪئي آھي تہ مسلم ليگ ساڻن رابطو ڪري 27 ھين ترميم جي منظوري لاءِ رابطو ڪيو آھي، ان حوالي سان وڌيڪ فيصلو پيپلزپارٽي جي سي اِي سي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ وزيراعظم شھباز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ ن جو وفد صدر آصف علي زرداري ۽ ساڻس ملاقات لاءِ آيو ھو.
ھـِن چيو تہ مسلم ليگ ن جي وفد 27 ھين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ پيپلزپارٽ جي حمايت گھري ھئي، تجويز ڪيل آئيني ترميم ۾ آئيني عدالت جو قيام، ايگزيڪيوٽو مئجسٽريٽس جي بحالي ۽ ججز جي بدلي جو اختيار شامل آھي.
بلاول ڀٽو چيو تہ تجويز ڪيل 27 ھين آئيني ترميم ۾ اين ايف سي ۾ صوبائي حصي جي تحفظ جو خاتمو ۽ آرٽيڪل 243 ۾ ترميم جا نقطا بہ شامل آھن، تجويز ڪيل آئيني ترميم ۾ تعليم ۽ آبادي جي منصوبابندي جا اختيار وفاق کي واپس ڪرڻ ۽ اليڪشن ڪميشن جي مقرري تي جاري ڪيل تعطل شامل آھي.
پيپلزپارٽي چيئرمين جو چوڻ ھو تہ ان حوالي سان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس 6 نومبر تي صدر آصف علي زرداري جي دوحا واپسي کانپوءِ طلب ڪيو ويو آھي، تہ جيئن پارٽي 27 ھين ترميم بابت فيصلو ڪري سگھي