وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات، شھباز شريف ۽ سيد عاصم منير بھترين شخصيتون آھن: ٽرمپ

فہرستِ مضامین

وزيراعظم شھباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي آھي، وزيراعظم شھباز شريف آمريڪي صدر ٽرمپ کي امن جو علمبردارشخصيت قرار ڏنو  ۽ پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آھي.

وزيراعظم ھائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم شھباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي آمريڪي صدر ٽرمپ سان ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي.

ان موقعي تي وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سموري دنيا ۾ تڪرارن جي خاتمي لاءِ مخلصاڻي ڪوششن ۾ رڌل آھي، وزيراعظم صدر ٽرمپ جي جرئتمنداڻي، دليراڻي ۽ فيصلائتي قيادت کي ساراھيو ۽ چيو تہ صدر ٽرمپ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگبندي جي سھولت فراھم ڪئي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ھڪ وڏي جنگ کي ٽارڻ ۾ مدد ڪئي   آھي. 

بيان موجب، وزيراعظم صدر ٽرمپ جي غزه ۾ جنگ کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۽ مسلم دنيا جي اهم اڳواڻن کي نيويارڪ ۾ دعوت ڏيڻ واري قدم جي بہ تعريف ڪئي، وزيراعظم شھباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں