وزيراعظم پاران ٻاھران شيون گھرائڻ تي لاڳو ايڪسپورٽ سر چارج ختم ڪرڻ جي ھدايت

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف ٻاھران شيون گھرائڻ تي لاڳو ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ سرچارج فوري ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آھي.

وزيراعظم شھباز شريف جي صدارت ھيٺ ملڪي ايڪسپورٽ ۾ اضافي لاءِ  قائم ڪيل ورڪنگ گروپ جي سفارشَن بابت جائزي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي تہ ملڪي برآمد تي لاڳو ايڪسپورٽ ڊويلپمينٽ سرچارج کي فوري طور ختم ڪيو وڃي.

وزيراعظم چيو تہ ايڪسپورٽ ڊويلپمينٽ فنڊ جو گذريل 5 سالن جو عالمي معيار موجب ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرايو وڃي، ايڪسپورٽ ڊويلپمينٽ فنڊ ۾ موجود رقم جي بهترين استعمال لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر مان مناسب چيئرمين چونڊيو وڃي.

هن هدايت ڪئي تہ ايڪسپورٽ ڊويلپمينٽ فنڊ ۾ موجود رقم کي رڳو ملڪي برآمد ۾ اضافي، لاڳاپيل ريسرچ اينڊ ڊويلپمينٽ، برآمدي سيڪٽر جي افرادی قوت جي مهارت، ٽريننگ ۽ عالمي معيار جي جديد سهولتن لاءِ استعمال ڪيو وڃي.

شهباز شريف جو چوڻ هو تہ ايڪسپورٽ ڊويلپمينٽ فنڊ جي تحت جاري سمورن پروگرامن ۽ اسڪيمز جو بہ ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرايو وڃي، ملڪي برآمد ۾ اضافي لاءِ ( ٽي ڊي اي پي) جي ڪردار جو سڌارتي جائزو وٺي ان جي نئين سرجوڙجڪ ڪئي وڃي.

ٻاھران شيون گھرائڻ ۾ واڌ لاءِ صنعتڪارن کي فوري طور هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي.

ان کان اڳ اجلاس ۾ سفارشون پيش ڪيون ويون، جن تي وزيراعظم ورڪنگ گروپ جي ڪم جي ساراهه ڪئي ۽ سفارشن تي ھاڪاري انداز ۾ غور ڪندي سمورن لاڳاپيل ادارن کي فوري قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪيا……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں