وزيراعظم پاران فوجداري ڪيسن مان ڇوٽ ڏيڻ بابت شق واپس وٺڻ جي ھدايت

فہرستِ مضامین

وزيراعظم شهباز شريف فوجداري ڪيسن مان وزيراعظم کي ڇوٽ ٰ بابت ترميمي شق واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي۔

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو تہ کيس ٻڌايو ويو آهي تہ سندن پارٽي جي ڪجهہ سينيٽرز وزيراعظم کي ڇوٽ ڏيڻ بابت ترميمي شق سينيٽ ۾ پيش ڪئي، جيڪا ڪابينا پاران منظور ڪيل مسودي ۾ شامل نہ هئي۔

وزيراعظم شهباز شريف سينيٽرز جا ٿورا مڃيندي چيو تہ کين ترميم فوري طور واپس وٺڻ جي ھدايت ڪئي آھي.

شھباز شريف چيو تہ چونڊيل وزيراعظم يقنين قانون ۽ عوام جي عدالت ۾ جوابدہ آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں