اسلام آباد: زيراعظم شھباز شريف سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي آھي.
ذريعن موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ پارليامينٽ ۾ قانونسازي سان لاڳاپيل معاملن تي غور ڪيو ويو۔
پيپلزپارٽي جي وفد وزيراعظم کي حڪومتي قانونسازي بابت پنهنجن خدشن کان آگاهہ ڪيو۔
ذريعن جو چوڻ آهي تہ وزيراعظم حڪومتي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي تہ قانونسازي بابت اتحادي جماعتن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي۔
ملاقات دوران حڪومتي وفد ۾ اسحاق ڊار، احسن اقبال ۽ اعظم نذير تارڙ شامل هئا، جڏھن تہ پيپلز پارٽي جي وفد ۾ شيري رحمان، نويد قمر، راجا پرويز اشرف ۽ اعجاز جکراڻي شامل هئا۔…..