اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اقتصادي، دفاعي، سيڪيورٽي سميت سڀني شعبن ۾ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پختي عزم کي ٻيهر ورجايوآھي.
وزيراعظم شھباز شريف سان سعودي عرب جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حميد الرويلي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ فیلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پڻ موجود هئا۔
شهباز شريف شاهہ سلمان ۽ ولي عهد شهزادہ محمد بن سلمان لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو ۽ سعودي عرب سان اقتصادي، دفاعي، سيڪيورٽي سميت ٻين سڀني شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو۔
وزيراعظم جنرل فياض بن حميد الرويلي جي آجيان ڪئي ۽ سعودي عرب پاران هر وقت پاڪستان جي حمايت ڪرڻ ۽ يڪجھتي کي سارھايو
وزيراعظم چيو تہ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا گڏيل عقيدي، هڪجهڙين قدرن ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن۔
وزيراعظم گذريل ٻن مهينن دوران رياض جي پنهنجي ڪامياب دورن جو ذڪر ڪيو، جن دوران ٻنهي ڌرين وچ ۾ تاريخي حڪمت عملي وارا دفاعي معاهدا طئي ڪيا ويا ھئا۔
شهباز شريف هر قسم جي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي ھٿي ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل عزم کي پڻ اجاگر ڪيو۔
فياض بن حميد الرويلي سعودي قيادت پاران وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام کي پيغام پهچايو۔
هن پاڪستان سان موجودہ بهترين دفاعي ۽ حڪمت عملي واري ڀائيواري کي نون اوچائين تي پهچائڻ لاءِ سعودي عرب جي مضبوط خواهش جو اظهار ڪيو۔……..