وزيراعظم شھباز شريف جي نواز شريف سان ملاقات ، سياسي صورتحال تي ڳالھيون

فہرستِ مضامین

وزيراعظم شھباز شريف جاتي امرا ۾ ن ليگ قائد نواز شريف سان ملاقات  ڪئي آھي.

ملاقات دوران پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا،  ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي ڳالھيون ڪيون ويون.

 وزيراعظم شھباز شريف پاران نواز شريف کي پرڏيھي دورن بابت آگاھي ڏني وئي.

وزيراعظم شھباز شريف پرڏيھي دورن ۾ حاصل ٿيل ڪاميابين بابت بہ نواز شريف کي آگاھ ڪيو.

ملاقات دوران ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي بہ ڳالھيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي ڳالھائيندي وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ ملڪ جي معاشي صورتحال بھتر ٿي رھي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں