وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ پيٽرول في ليٽر 80 رپيا سستو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.
قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ موٽر سائيڪل وارن کي في ليٽر 100 روپيا سبسڊي ڏني ويندي، پيٽرول تي 80 روپيا ليوي گهٽائي رھيا آھيون.
سندس چوڻ ھو تہ اھا گھٽتائي هڪ مهيني لاءِ سڄي ملڪ ۾ لاڳو ٿيندي ۽ اڄ رات 12 وڳي کان پيٽرول جي نئين قيمت 458 روپين کان گهٽائي 378 روپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي۔
سندس چوڻ ھو تہ ننڍن آبادگارن لاءِ في ايڪڙ 1500 روپيا امداد فراهم ڪئي ويندي، جڏھن تہ ريلوي جي اڪانومي ڪلاس ۾ ڪرائين ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔.
سندس چوڻ ھ وتہ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ مال بردار گاڏين کي هڪ مهيني لاءِ في ليٽر 100 روپيا سبسڊي ڏني ويندي، ڪابينه جي ميمبرن جي ڇهن مهينن جي پگھار قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائي ويندي. وزيراعظم چيو ته اسان، انشاءَ الله، عوام جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي لاءِ بيحد محنت ڪندا رهنداسين.