وزيراعظم شهباز شريف طرفان روسي صدر جي رهائشگاهه کي نشانو بڻائڻ جي مذمت

فہرستِ مضامین

وزيراعظم شهباز شريف روسي صدر ولاديمير پيٽن جي رھائشگاھ کي نشانو بڻجڻ جي مذمت ڪئي آهي۔

وزيراعظم شھباز شريف روسي صدر جي رھائشگاھ کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪندي حڪومت ۽ عوام سان يڪجھتي جو اظھار بہ ڪيو

وزيراعظم شهباز شريف چيو تہ اهڙي وقت ۾ جڏھن امن لاءِ ڪوششون جاري ھجن، ان وقت اهڙا حملا امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهن، اسان سلامتي ۽ امن کي خطري ۾ وجهندڙ هر قسم جي وحشياڻي ڪارروائي کي رد ڪريون ٿا۔

ياد رھي تہ روس نووگرود واري علائقي ۾ صدر پيوٽن جي سرڪاري رھائشگاھ تي حملي جي دعويٰ ڪندي ان کي رياستي دھشتگردي قرار ڏنو آھي، جنھن بعد روس حملي جو جواب ڏيڻ ۽ جاري ڳالھين تي نظرثاني جو فيصلو ڪيو آھي.

روسي پرڏيھي وزير سرگئي لاوروف چيو تہ صدر پيوٽن جي رھائشگاھ تي 91 لانگ رينج وارا ميزائل فائر ڪيا ويا جيڪي ناڪام بڻايا ويا، حملي جو جواب ضرور ڏنو ويندو.

ان سان گڏ روسي صدر  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان پڻ فون تي ڳالهہ ٻولهہ ڪئي ۽ آمريڪا سان امن لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ ۽ امن ڳالهين تي نظرثاني ڪرڻ بابت پڻ آگاههہ ڪيو۔…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں