اسلام آباد: وزيراعظم شھباز شريف نيپرا پاران سولر بابت نئين ريگيوليشنز جاري ڪرڻ جو نوٽيس ورتو آھي.
وزيراعظم شھباز شريف جي صدارت ھيٺ نيپرا جي نئين ريگيوليشنز جاري ڪرڻ تي اعليٰ سطح جو خاص اجلاس ٿيو، جنھن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، عطا تارڙ، اويس لغاري، پرويز ملڪ، بلال ڪياني، محمد علي ۽ احد چيما سميت ٻين شرڪت ڪئي.
وزيراعظم نيپرا پاران سولر بابت نئين ريگيوليشنز جاري ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي پاور ڊويزن کي سولر صارفين جي ڪانٽريڪٽ جي تحفظ بابت نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ ۽ موجودہ ڪانٽريڪٽس جو ھر ممڪن تحفظ يقيني بڻائڻ جي ھدايت ڪئي آھي.
وزيراعظم شھباز شريف پاور ڊويزن کي ان بابت جامع لائحہ عمل جوڙڻ جي بہ ھدايت ڪئي آھي.
سولر صارفين بابت نئين ريگيوليشنز ڇا آھي؟
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) نيشنل گرڊ کي بجلي وڪرو ڪرڻ جا اگھ گھٽائي ڇڏيا آھن.
نئين ريگيوليشنز موجب پراڻا سولر صارفين پنھنجي بجلي نيشنل گرڊ کي 25 رپيا 32 پئسا في يونٽس جي پراڻي اگھ تي وڪرو ڪندا پر نون صارفين لاءِ نيشنل گرڊ کي وڪرو ٿيندڙ بجلي جي في يونٽ ۾ 17 رپيا 19 پئسن جي وڏي گھٽتائي ڪري ڇڏي آھي.
ھاڻي نئين صارف کي في يونٽ جي قيمت 8 رپيا 13 پئسا ملندي
نون ۽ پراڻن صارفين لاءِ نيٽ بلنگ جو بہ نئون نظام متعارف ڪرايو ويو آھي، صارف جو يونٽ ھاڻي سرڪاري يونٽ برابر نہ ھوندو، نيشنل گرڊ کان ورتل سموري بجلي جي في يونٽ قيمت حڪومتي ٽيرف ۽ سليبس جي حساب سان ھوندي.
نئين نيٽ ميٽرنگ صارفين لاءِ لائسنس جو مدو 7 سال مان گھٽائي 5 سال ڪيو ويو آھي…………