ڪي پي جي وڏي وزير سھيل آفريدي چيو آھي تہ وزيراعظم سان ملاقات دوران باني پي ٽي آءِ عمران خان يا سندس ڀينرن جي ملاقات بابت ڪا به ڳالهه نه ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعليٰ خيبر پختونخوا سهيل آفريدي چيو تہ ملاقات دوران باني پي ٽي آءِ عمران خان سان سندس ڀينرن جي ملاقات بابت ڪنهن بہ قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ٿي.
سهيل آفريدي موجب خيبرپختونخوا جي قبائلي ضلعن جا 2600 ارب رپيا رڪيل هئا، وزيراعظم قبائلي ضلعن جا رڪيل 26 ارب رپيا جاري ڪرڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن.
هن چيو تہ تيرا، ڪرم ۽ باجوڙ جا ماڻهو قربانيون ڏئي رهيا آهن، انهن لاءِ 4 ارب رپين جي رقم ڪجهہ بہ ناهي، جيڪڏهن انهن علائقن جي عوام جي قربانين کي 4 ارب رپين سان جوڙيو ويندو تہ اها عوام جي قربانين سان ناانصافي هوندي.
سهيل آفريدي وڌيڪ چيو تہ وزيراعظم سان ملاقات دوران نه باني پي ٽي آءِ بابت ڪا ڳالهه ٿي ۽ نه ئي ڀينرن سان ملاقات جي حوالي سان، ملاقات ۾ ڪنهن به سياسي معاملي تي ڳالهه نه ڪئي وئي.
دهشتگردي جي واقعن بابت سوال تي وزيراعظم شهباز شريف چيو تہ دهشتگردن جو نه ڪو صوبو هوندو آهي ۽ نه ئي ڪو ملڪ ھوندو آھي، عيد کانپوءِ وزيراعظم سان ٻيهر ملاقات ٿيندي جنهن ۾ دهشتگردي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، هن چيو ته اسان پھريان کان کلي دل سان پنھنجو موقف پيش ڪري رھيا آھيون….