صدر ۽ وزيراعظم سان جوائنٽ چيف جنرل ساحر شمشاد مرزا جي الوداعي ملاقات

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شھباز شريف سان الوداعي ملاقاتون ڪيون.

چيئرمين جوائنٽ چيـفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، صدر آصف علي زرداري سان ايوانِ صدر ۾ الوداعي ملاقات ڪئي۔

صدر جنرل ساحر شمشاد مرزا جي پيشوراڻي صلاحيتن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ قومي دفاع لاءِ سندن خدمتن کي ساراهيو۔

صدر آصف علي زرداري جنرل ساحر شمشاد مرزا لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو

ان کان اڳ جوائنٽ چيفس جنرل ساحر شمشاد مرزا وزيراعظم شھباز شريف سان الوداعي ملاقات ڪئي.

وزيراعظم هائوس طرفان جاري پڌرائيءَ موجب، ملاقات دوران وزيراعظم جنرل ساحر شمشاد مرزا جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتن کي ساراهيو.

ياد رھي تہ  ساحر شمشاد مرزا 27 نومبر تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي عهدي رٽائر ٿي ويندو، هو پاڪ فوج جو آخري چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي آهي، ڇو تہ 27هين  آئيني ترميم تحت هاڻي اهو عهدو ختم ڪيو ويو آهي.

27 ترميم ۾ هڪ نئون عهدو ”چيف آف ڊفينس فورسز“ متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪو عهدو پاڪ فوج جي سربراهہ وٽ ئي هوندو، اهڙي طرح عاصم منير وٽ چيف آف ڊفينس فورسز جي واڌو چارج پڻ هوندي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں