رياض ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) سعودي عرب جي ولي عھد شھزادہ محمد بن سلمان جي دعوت تي رياض پھتل وزيراعظم شھباز شريف جو سعودي عرب ۾ ايف ففٽين ويڙھاڪ جھازن سان شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو.
وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ڪنگ خالد ايئرپورٽ رياض پھچڻ تي اتان جي نائب گورنر محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق ۽ اعليٰ سفارتي عملي وزيراعظم جي شاندار آجيان ڪئي.
وزيراعظم جي رياض آمد جي موقعي تي ايئرپورٽ کان شاھي محل تائين ويندڙ رستن تي پاڪستان جا جھنڊا لڳايا ويا ھئا، ان موقعي تي وزيراعظم کي 21 توپن جي سلامي ۽ سعودي عرب جي ھٿياربند فوج جي چست جٿي سلامي پيش ڪئي.
وزيراعظم شھباز شريف محمد بن سلمان سان ملاقات لاءِ سعودي عرب جي شاھي ديوان قصر يمامہ پھتو، جتي سعودي شاھي پروٽوڪول سان گھوڙ سوارن آجيان ڪئي، وزيراعظم کي سعودي عرب جي ھٿياربند فوج جي جٿن گارڊ آف آنر بہ پيش ڪيو.
وزيراعظم ۽ سعودي عرب جي ولي عھد ۾ ملاقات
وزيراعظم ۽ سعودي عرب جي ولي عھد وچ ۾ ملاقات ٿي، ان موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، دفاع وارو وزير خواجہ آصف، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، موسمياتي تبديلي وارو وزير مصدق ملڪ ۽ خاص معاون طارق فاطمي بہ موجود ھئا.
ان کان اڳ وزيراعظم شھباز شريف جو ھوائي جھاز سعودي فضائي حدن ۾ داخل ٿيو تہ سعودي ايف ففٽين ويڙھاڪ جھازن سندس شاندار آجيان ڪئي.
فضائي حدن ۾ وزيراعظم کي سلامي
وزيراعظم شھباز شريف جي ھوائي جھاز کي سعودي فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي سعودي ايف ففٽين جھازن پنھنجي گھيري ۾ آندو، ويڙھاڪ جھازن وزيراعظم کي سلامي پيش ڪئي، ڪاڪ پٽ ۾ وڃي مائيڪ جي ذريعي سعودي ولي عھد شھزادہ محمد بن سلمان جو ٿورو مڃيو.
دفاع واري وزير خواجہ آصف ٻڌايو تہ سعودي ايئر فورس جي جھازن وزيراعظم شھباز شريف جي جھازن سعودي ايئر اسپيس ۾ داخل ٿيندي ئي پنھنجي حفاظت ۾ ورتو.
خواجہ آصف وڌيڪ چيو تہ سعودي حڪومت طرفان ڀائراڻي محبت ۽ احترام جو مظاھرو عالمي اسلام ۾ ھي مقام رب پاڪ جي مھرباني آھي،شھباز شريف جي سفارتي مھارت ۽ اسان جي فوج جي بي مثال ڪاميابين جو ثمر آھي.