لاھور: وزيراعظم شھباز شريف نيشنل ريگيوليٽري ريفارمز کي تيزي سان عملي شڪل ڏيڻ جي ھدايت ڪئي آھي.
لاھور ۾ نيشنل ريگيوليٽري ريفارمز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شھباز شريف جو چوڻ ھو تہ ھن پروگرام کي تيزرفتاري سان عملي شڪل ڏني وڃي تہ جئين عوام حقيقي تبديلي محسوس ڪري سگھي.
هن جو چوڻ هو تہ پشاور کان ڪراچي تائين اهڙي تبديلي آڻڻ ضروري آهي جيڪا صرف ڳالهين تائين محدود نہ هجي، پر عملي قدمن جي صورت ۾ نظر اچي، ريگوليٽري سڌارا هڪ وڏو انقلابي قدم آهن، جيڪي ڪاروباري برادري ۽ زرعي صنعت کي سهولتون فراهم ڪندا۔
وزيراعظم چيو تہ پاڪستان معاشي طور بحران مان نڪري چڪو آهي، معاشي انگ اکر بهتر ٿيا آهن، هاڻي معيشت جي پائيدار ترقي لاءِ غير ملڪي کي آڻڻ آھي………..