وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ اللہ چيو آھي تہ وزيراعظم اسٽيلبشمينٽ ۽ پنھنجي ليڊر کي اعتماد ۾ وٺي ڳالھين جي آڇ ڪئي ھئي، اوھان کي قبول ڪرڻ گھرجي ھا.
خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالھائيندي راڻا ثناءُ اللہ چيو تہ مخالف ڌر سمجھي ٿي تہ سندن تحريڪ ڪامياب ٿيڻ وڃي رھي آھي.
ھن چيو تہ اپوزيشن سمجھي ٿي تہ سندن تحريڪ سبب حڪومت کين ٽريپ ڪري رھي آھي.
سندس چوڻ ھو تہ مخالف ڌر 5 فيبروري تي ڀلي ڦيٿا روڪ ھڙتال ڪري ڏسي پوءِ ڳالھيون ڪنداسين.
ھن چيو تہ ھي چون ٿا تہ پھريان پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرايو، کين خبر آھي تہ عمران خان ڳالھيون نٿو چاھي.
راڻا ثناءُ اللہ چيو تہ وزيراعظم اسٽيلبشمينٽ ۽ پنھنجي ليڊر کي اعتماد ۾ وٺي ڳالھين جي آڇ ڪئي ھئي، اوھان کي قبول ڪرڻ گھرجي ھا.