وانا ڪيڊٽ ڪاليج ۾ موجود 3 خارجين خلاف آپريشن جاري، سمورا ڪيڊٽس محفوظ آھن: سيڪيورٽي ذريعا

فہرستِ مضامین

وانا ڪيڊٽ ڪاليج تي حملو ڪرڻ بعد اندر پناهہ وٺندڙ ٽن خارجين خلاف آپريشن جاري آهي۔

سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڪيڊٽ ڪاليج تي حملو ڪندڙ خارجين جو تعلق افغانستان سان ٻڌايو ويو آهي ۽ حملي آور اتان ٽيليفونڪ ذريعي هدايتون حاصل ڪري رھيا آهن، خارجي ھڪ عمارت ۾ لڪيل آھن جيڪا ڪيڊٽس جي رھائش کان پري آھي.

سيڪيورٽي ذريعن موجب، گذريل ڏينھن خارجين ڪاليج جي مک گيٽ سان بارود ڀريل گاڏي ٽڪرائي هئي، جنهن سبب ڌماڪو ٿيو، ڪاليج جو گيٽ ڪري پيو ۽ ويجهي عمارتن کي بہ نقصان پهتوھو.

سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو تہ پاڪ فوج جي جوانن فوري ڪارروائي ڪندي ٻہ خارجي ماريا ھئا، جڏھن تہ سيڪيورٽي فورسز ھو علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڪليئرنس آپريشن جاري آھي.

وڌيڪ ٻڌايو ويو آھي تہ حملي وقت ڪيڊٽ ڪاليج ۾ 525 ڪيڊٽن سميت لڳ ڀڳ 650 ماڻهو موجود هئا، جن مان 115 ماڻهن کي محفوظ طريقي سان ريسڪيو ڪيو ويو آهي، ڪاليج اندر موجود 3 افغان خارجين کي هڪ مخصوص عمارت تائين محدود ڪيو ويو آهي، جڏھن تہ فورسز علائقي کي مڪمل گهيري ۾ رکيو آهي۔

سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڪيڊٽس جي رھائشي عمارتن کان فاصلي تي ھڪ عمارت ۾ خارجي موجود آھن ۽ سمورا ڪيڊٽس محفوظ آھن، جن کي ريسڪيو ڪرڻ جو عمل جاري آھي، هن وقت بہ ڪاليج اندر لڳ ڀڳ 535 ماڻهو موجود آهن۔

سيڪيورٽي ذريعن موجب والدين کي اپيل آھي تہ هو مطمئن رھن، سڀ شاگرد محفوظ آهن ۽ آپريشن جلد مڪمل ڪيو ويندو۔…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں