صدر آصف علي زرداري چيو آھي تہ گلگت بلتستان 1947 ۾ جھاد ڪري پاڪستان سان الحاق ڪيو، والاريل ڪشمير جي آزادي وقت جي ضرورت آھي.
گلگت بلتستان جي ڊوگره راج کان آزادي جي جشن واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو تہ اوهان جي بهادري کي تاريخ ڪڏهن به نه وساري سگهندي، 1947ع ۾ اوهان جهاد ڪندي پاڪستان سان الحاق ڪيو، 1947ع جي جنگ ۾ گلگت جا 1700 جوان شهيد ٿيا.
هن جو چوڻ هو ته گلگت بلتستان کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون ملڻ گهرجن، هتي هر وادي ۾ اسڪول هئڻ گهرجن، گلگت بلتستان معدنيات سان مالا مال آهي، پهاڙ اوهان جو ۽ منھنجو اثاثو آهن، سياحت کي ھٿ ملي سگهي ٿي، گلگت کي پنهنجي ايئرلائين به هئڻ گهرجي.
صدرِ چيو تہ ڀارت ۾ مسلمانن سان ظلم جي بازار گرم آهي، ڀارت ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي انتها تي پهچي چڪي آهي، قبضي هيٺ آيل ڪشمير جي آزادي وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇو تہ والاريل ڪشمير ڊگهي عرصي کان ڀارت ظلم جو شڪار آهي.
هن چيو تہ سي پيڪ پاڪستان جي ترقيءَ جي علامت آهي، چين پاڪستان جو سٺو دوست ۽ ڀائيوار ملڪ آهي، سيپيڪ جو ٻيو مرحلو ڪاميابيءَ سان پنهنجا مرحلا طئي ڪري رهيو آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو تہ گلگت بلتستان کي ٻين صوبن جيان ترقي يافته ڏسڻ چاهيون ٿا، گلگت بلتستان ترقي ڪندو تہ پاڪستان ترقي ڪندو.