وزيراعظم شھباز شريف جي صلاحڪار ۽ سينيٽر راڻا ثناءُ اللھ دعويٰ ڪئي آھي تہ ھڪ ملاقات ۾ اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد کي چيو تہ راڻا ثناءُ اللھ ٿلھو ٿي ويو آھي، ان کي ٻيھر سمارٽ بڻائيو.
سينيٽر راڻا ثناءُ اللھ ھڪ انٽرويو دوران چيو تہ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي دور ۾ معاملا فيض حميد، جنرل رٽائرڊ باوجوا ۽ پي ٽي آءِ باني جي مرضي سان ھلي رھيا ھئا.
هن جو چوڻ هو تہ اهو ممڪن ئي ناهي تہ ڪو حاضر سروس آفيسر آرمي چيف جي مرضي کانسواءِ ڪوڙو ڪيس ٺاهي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن سندس ڪورٽ مارشل نہ ٿئي۔
راڻا ثناءُ اللھ چيو تہ ھڪ بريفنگ دوران جنرل قمر جاويد باجوا ۽ فيض حميد سان ڳالھ ٻولھ ٿي، جنرل باجوا فيض حميد کي چيو تہ راڻا ثناءُ اللھ ٿلھو ٿي ويو آھي، جيل ۾سمارٽ ھيو، راڻا صاحب کي ٻيھر سمارٽ بڻايو، ان تي مان جنرل باجوا کي چيو تہ مون تي ڪيس اوھان ئي ڪرايو، اللھ ھن ئي دنيا ۾ ئي ان جو حساب ڪندو……