هن ڀيري ڊي چوڪ وينداسين تہ آزادي وٺي سرخرو ٿينداسين، يا ڪفن ۾ واپسي ٿيندي : سهيل آفريدي

فہرستِ مضامین

ڪوھاٽ : خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي تہ هن ڀيري ڊي چوڪ وينداسين تہ آزادي وٺي اينداسين يا ڪفن ۾ واپسي ٿيندي.

ڪوھاٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو تہ باني چيئرمين کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جج سان ملڻ وڃون ٿا تہ اسان کي ملڻ نٿو ڏنو وڃي، جن کي اسان جي ميڊيٽ جي حفاظت ڪرڻي هئي، انهن ڌاڙو هنيو آهي، اسان جا محافظ ئي اسان جا قاتل بڻيل آهن.

سھيل آفريدي چيو تہ ڪجهہ ماڻھو ميڊيا تي ويهي گولين جون ڌمڪيون ڏيندا آهن، عمران خان احتجاج يا ڳالهين جي ذميواري محمود اچڪزئي ۽ علامہ ناصر عباس کي ڏني آهي جڏھن انهن طرفان سڏ  ايندو تہ سڀني کي تيار رھڻو آهي.

هن چيو تہ اسان کي گڏجي ھنن کان حقيقي آزادي ڦرڻي آهي، وفاقي حڪومت 5 هزار 3 سئو ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، پاڪستان تي قرض 80 هزار ارب روپين تائين پهچي ويو آهي، اسان کي گورننس جو مشورو ڏيندڙن ملڪ کي قرض ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي.

هن پنجاب جي وزيراعليٰ تي تنقيد ڪندي چيو تہ مينڊيٽ چور مون کي مشورو ڏئي رھي آھي، پنجاب پوليس کي سموري پاڪستان جو ڪرپٽ ترين ادارو بڻايو ويو آهي، سيڙپڪاري خيبرپختونخواهہ ۾ ٿي رھي آهي، پنجاب ۾ سيڙپڪاري گهٽ ٿي وئي آهي ۽ مشورا بہ اسان کي ڏنا پيا وڃن…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں