هنگو (خاص نمائندو) خيبر پختونخوا جي ضلعي هنگو ۾ هٿياربندن پوليس چيڪ پوسٽ تي منظم حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ مدد لاءِ ويندڙ پوليس پارٽي کي جهنگلي علائقي ۾ گهات لڳائي نشانو بڻايو ويو. حملي جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي ديار خان سميت 10 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 28 کان وڌيڪ اهلڪار زخمي ٿيا. سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 15 حملي آور پڻ مارجي ويا.
پوليس موجب هٿياربندن پهرين خزانه پوليس چيڪ پوسٽ تي ڳرا هٿيار استعمال ڪندي حملو ڪيو. اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي ديار خان جي اڳواڻي ۾ اضافي نفري امداد لاءِ رواني ٿي، پر جيئن ئي قافلو جهنگلي علائقي ۾ پهتو ته هر پاسي کان شديد فائرنگ شروع ٿي وئي. حملي آورن اڳواٽ رٿابندي تحت پوليس کي گهيرو ڪري ورتو، جنهن سبب سخت جاني نقصان ٿيو.
سرڪاري بيان موجب پوليس اهلڪارن شديد مزاحمت ڪئي ۽ ڊگهي وقت تائين فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رهي. ويڙهه دوران ڪيترائي هٿياربند مارجي ويا، جڏهن ته پوليس جي بڪتر بند گاڏي کي پڻ نقصان پهتو. زخمين کي فوري طور ويجهي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
واقعي کانپوءِ هنگو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سرچ آپريشن پڻ شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن حملي ۾ ملوث ٻين هٿياربندن کي گرفتار يا غيرفعال بڻائي سگهجي.
هي حملو پاڪستان ۾ تازن مهينن دوران سيڪيورٽي فورسز تي ٿيندڙ وڏن حملن مان هڪ قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بابت هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڻتي وڌي وئي آهي.