هالي ووڊ ۾ وڏو تڪرار: بليڪ لائولي ۽ جسٽن بالڊوني جي قانوني جنگ 

فہرستِ مضامین

هالي ووڊ جي مشهور اداڪارھ بليڪ لائولي ۽ مشهوراداڪار هدايتڪار جسٽن بالڊوني وچ ۾ جاري قانوني تڪرار فلم” It Ends With Us” جي شوٽنگ دوران پيدا ٿيو، جيڪو هاڻ هڪ وڏي عدالتِي ڪيس جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي.

 رپورٽ موجب ڊسمبر 2024 ۾ بليڪ لائولي الزام لڳايو هو ته فلم جي شوٽنگ دوران کيس ذهني اذيت ۽ نامناسب رويو برداشت ڪرڻو پيو، هن سول رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ شڪايت داخل ڪندي جسٽن بالڊوني ۽ پروڊيوسر جيمي هيٿ تي سنگين الزام هنيا، جن ۾ ڪم جي جڳهه تي خراب ماحول پيدا ڪرڻ ۽ غير مناسب مواد ڏيکارڻ شامل هو.

 بالڊوني جو جوابي ڪيس

انهن الزامن بعد جسٽن بالڊوني انهن دعوائن کي “ڪوڙ” ۽ “بدنامي” قرار ڏيندي ڊسمبر 2024 ۾ بليڪ لائولي خلاف 400 ملين ڊالر جو هتڪ عزت جو ڪيس داخل ڪيو، ان تڪرار کانپوءِ ٽيلنٽ ايجنسي WME بالڊوني سان پنهنجو معاهدو ختم ڪري ڇڏيو.

جنوري 2025 ۾ بليڪ لائولي چيو تہ “هي پراڻي ڪهاڻي آهي، جتي عورت سچ ڳالهائي ٿي ته جواب ۾ کيس ئي نشانو بڻايو وڃي ٿو.، ڪيس دوران مشهور گلوڪاره ٽيلر سوئفٽ جو نالو به سامهون آيو، جڏهن بالڊوني جي وڪيل کيس عدالت ۾ طلب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان عمل سبب لائولي ۽ ٽيلر سوئفٽ جي دوستي ۾ به تڪرار پيدا ٿيو.

عدالت جو وڏو فيصلو – اپريل 2026

2 اپريل 2026 تي آمريڪي جج Lewis J. Liman بليڪ لائولي جي 13 مان 10 دعوائن کي خارج ڪري ڇڏيو، جيڪو هن لاءِ وڏو ڌچڪو ثابت ٿيو.

 ايندڙ مرحلو – مئي 2026

هاڻي هن ڪيس جي باقاعده ٻڌڻي 18 مئي 2026 تي نيويارڪ ۾ شروع ٿيندي، جتي ٻنهي ڌرين جي عدالت ۾ بيان ڏيڻ جي اميد آهي..

بليڪ لائولي ۽ جسٽن بالڊوني جو هي تڪرار رڳو ٻن اداڪارن جي وچ ۾ ڪيس نه پر هالي ووڊ ۾ ڪم ڪندڙ ماحول، طاقت جي استعمال ۽ عورتن جي حقن بابت به وڏي بحث جو سبب بڻجي ويو آهي.

هاڻ سڀني جون نظرون مئي 2026 جي ٽرائل تي آهن، جتي هن سنسني خيز ڪيس جو فيصلو سامهون اچي سگهي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں