اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل (HSD) جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 363 رپيا 69 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ تقريبن 32 رپيا 63 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ جا اثر صارفين تائين محدود رکڻ لاءِ اپريل ۾ اختيار ڪيل فارمولو ٻيهر لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.
نئين فارمولي تحت ڊيزل جو ڪِرَيڪ اسپريڊ 41.5 ڊالر في بيرل مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ اهو مارجن تقريبن 68 ڊالر في بيرل آهي.
حڪومت طرفان ڪِرَيڪ اسپريڊ ۾ گهٽتائي ڪرڻ سان ملڪ اندر هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي ممڪن ٿي.
ڊيزل جي قيمت ۾ گهٽتائي لاءِ مقامي ريفائنرين پڻ پنهنجي منافعي جو هڪ حصو ڇڏڻ تي راضي ٿي ويون آهن.
ان قدم جو مقصد عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ غيرمعمولي واڌ جو سمورو بار سڌي طرح صارفين تي منتقل ٿيڻ کان روڪڻ آهي.
رپورٽ موجب ايران جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ هي ٻي وڏي گهٽتائي آهي.
هوڏانهن حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 97 پئسا في ليٽر واڌ پڻ ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 337 رپيا 51 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
اهڙي طرح نئين قيمتن ۾ ڊيزل صارفين کي وڏي رليف مليو آهي، جڏهن ته پيٽرول استعمال ڪندڙن لاءِ قيمت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.