ن ليگ جو آزاد ڪشمير ۾ نئين وزيراعظم لاءِ پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيڻ کان انڪار

فہرستِ مضامین

راولپنڊي : آزاد ڪشمير ۾ وزيراعظم جي تبديلي جي معاملي تي مسلم ليگ ن جي اجلاس جي اندروني ڪھاڻي سامھون اچي وئي آھي.

ذريعن جو چوڻ آھي تہ آزاد ڪشمير ۾ وزيراعظم جي تبديلي جي معاملي تي ٿيل ن ليگ جي اجلاس ۾ احسن اقبال، راڻا ثناءُ اللہ ۽ امير مقام شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ مسلم ليگ ن آزاد ڪشمير جي صدر شاھ غلام قادر، راجا فاروق حيدر خان ۽ پارلياماني پارٽي جي ميمبرن سميت مرڪزي عھديدارن بہ شرڪت ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آھي تہ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت جي تبديلي تي مسلم ليگ ن جي مشاورت مڪمل ٿي وئي آھي ۽ مسلم ليگ ن نئين وزيراعظم لاءِ پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي.

ذريعن جو چوڻ آھي تہ حڪومت جي تبديلي لاءِ مسلم ليگ ن پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏيندي پر نئين حڪومت جو حصو نہ ٿيندي.

ذريعن موجب بي اعتمادي رٿ ۽ وزيراعظم جي چونڊ الڳ الڳ معاملو آھي، وزيراعظم جي چونڊ  لاءِ ن ليگ پيپلز پارٽي جي اميدوار کي ووٽ نہ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ پيپلزپارٽي سان آزاد ڪشمير ۾ جلد اليڪشن بابت مشاورت ڪئي ويندي.

ذريعن موجب، اجلاس دوران سياسي رابطا ڪميٽي، آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي کي پيپلز پارٽي سان طئي ٿيل فارمولي بابت بہ اعتماد ۾ ورتو، ان سان گڏ ن ليگ آزاد ڪشمير پاران ايندڙ سياسي حڪمتِ عملي تي بہ تفصيلي غور ڪيو ويو

ذريعن جو چوڻ آهي تہ سياسي رابطا ڪميٽي آزاد ڪشمير جي قيادت کان سياسي حڪمتِ عملي بابت تجويزون طلب ڪيون آهن، جڏهن ⁠تہ ڪميٽي وزيراعظم شهباز شريف کي وطن واپسي تي مڪمل بريفنگ ڏيندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں