ميرپور خاص پوليس دعويٰ ڪئي آھي تہ نيھا قتل ڪيس ۾ گرفتار سندس ماءُ عاشي اعتراف ڪيو آھي تہ نيــھا کي منھن تي وھاڻو رکي ساھ ٻوساٽي ماريو، سندس ھڪ نوجوان سان دوستي تي پيءُ ڪاوڙيل ھو، نيھــا تي تشدد ڪيو ۽ ھُـــن مزاحـمت بہ ڪئي، واقعي کي آپگــھات جــو رنـــگ ڏنــوسيـن.
محمود آباد ٿاڻي جي حد ريلوي ڪوارٽرز ۾ پنھنجي گھر اندر پراسرار نموني فوت ٿيل ناري نيھا جي ڪيس ۾ اھم انڪشاف سامھون اچي ويا آھن. پوليس موجب نيھا جي گرفتار ماءُ عاشي پوليس آڏو جاچ دوران انڪشاف ڪيو آھي تہ ھن مڙس مبين چوھاڻ سان گڏجي ڌيءُ کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو آھي.
پوليس موجب عورت اعتراف ڪيو تہ نيھا کي سندس والد پھرين تشدد جو نشانو بڻايو، جنھن تي نيھا مزاحمت پڻ ڪئي پر بعد ۾ سندس والد نيھا جي مُنھن تي وھاڻو رکي، گُھٽا ڏئي قتل ڪيو ۽ واقعي کي خودڪشيءَ جو رنگ ڏيڻ لاءِ لاش کي رسي سان ٽنگي ڇڏيو.

پوليس موجب نيھا جي والد نيھا جو فون پڻ گم ڪيو آھي ۽ قتل ڪرڻ بعد ھو پنھنجو پاڻ کي جاءِ واردات تي ڏيکارڻ بدران ڪراچي ۾ ھجڻ جو ڊرامو رچايو. اھڙي انڪشاف کان پوءِ پوليس ناري جي والد مبين چوھاڻ کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آھي، جنھن کان پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري آھي.
نيھا جي قبرڪشائي لاءِ ايس ايس پي جو عدالت سان رابطو
ايس ايس پي ميرپورخاص ثمير نور چنا ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي آھي, جنھن ۾ عدالت کي گذارش ڪئي وئي آھي تہ نيھا جي قبرڪشائي ڪري لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ ۽ ڊي اين لاء جزا وٺڻ جي سلسلي ۾ ڊي جي ھيلٿ کي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاء حڪم ڪيو وڃي تہ جيئن موت جا اصل ڪارڻ معلوم ٿي سگھن.
محمود آباد پوليس توڙي وومين پوليس ناري جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل گرفتار سندس امڙ عاشي، صائما مغل، فرمان مغل ۽ صابر مھر کي فرسٽ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت پيش ڪيو ويو، جتان پوليس سندن ٽن ڏينھن جو جسماني رمانڊ حاصل ڪري ورتو آھي.
واضح رھي تہ 6 ڏينھن اڳ نيھا جو لاش سندس گھر اندران مليو ٿو، بنا پوسٽ مارٽم جي زبردستي لاش سول اسپتال مان کڻي دفنايو ويو ھو، جنھن بعد ناري جي ھڪ سھيلي نيھا جا وائيس نوٽ سوشل ميڊيا وسيلي وائرل ڪيا ھئا.
گھران ڪيئن نڪران، والدين ماري ڇڏيندا: ناري جو وائيس نوٽ

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وائيس نوٽ ۾ نيھا پيءُ تي تشدد ڪرڻ جا الزام لڳائي رھي ھئي. اھڙا وائيس نوٽس ملڻ بعد پوليس پاران سرڪار جي مدعيت ۾ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ پوليس موقف ظاھر ڪيو آھي تہ نيھا جو موت طبعي نہ پيو لڳي ۽ سندس جسم تي تشدد جا نشان پڻ موجود آھن.
محمود آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او رحيم گوپانگ ، سرڪار جي مدعيت ۾ ناري نيھا جو لاش ملڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ھو.
ايس ايس پي ميرپورخاص جاچ ڪميٽي قائم ڪئي، جنھن جي مختلف رخن سان جاچ ڪرڻ بعد نيھا امڙ عاشي، اسپتال مان بنا پوسٽ مارٽم جي لاش کڻائي ويندڙ عورت صائما مغل، فرمان مغل ۽ صابر مھر کي حراست ۾ ورتو ھو.
محمود آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او رحيم گوپانگ جي مدعيت ۾داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو تہ فوتڻ پاران پنھنجي سھيلي کي ڪيل وائيس ميسيج مان ظاھر ٿيو آھي تہ سندس والدين کيس گھر اندر قيد ڪندا ھئا ۽ کيس مارڪٽ ڪندا ھئا. ايف آءِ آر موجب فوتڻ جو موت قدرتي نہ پيو لڳي.
نيھا جي ڳلي ۽ ھٿن تي زخمن جا نشان آھن

ايس ايس پي پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي جي ميمبر ايس ايڇ او حق نواز جوڻيجو صحافين کي ٻڌايو ھو تہ مختلف طريقن سان معاملي جي جاچ ڪئي وئي آھي، جنهن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته ناري جو موت طبعي ناهي، جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته وارثن پاران ناري کي قيد ڪري رکيو ويندو هو ۽ والدين پاران تشدد به ڪيو ويندو هو. ايس ايڇ او موجب ناري جي موت جو ڪارڻ قبرڪشائي بعد پوسٽ مارٽم مان معلوم ٿي سگھندو پر شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو آھي تہ ناري جي ڳلي ۽ هٿن تي زخم جا نشان موجود هئا.