نيپا چورنگي واقعو، وڏي وزير جي ھدايت تي لاڳاپيل 5 آفيسر معطل

فہرستِ مضامین

ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاھ جي ھدايت تي نيپا چورنگي ڀرسان معصوم ٻارڙو مين ھول ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري معاملي تي 5 لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آھي.

وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ نيپا چورنگي واقعي بابت اجلاس ٿيو، جنھن ۾ صوبائي وزيرن، ڪي ايم سي، ٽائون انتظاميہ، روينيو ۽ پوليس عملدارن شرڪت ڪئي.

وڏي وزير جو چوڻ ھو تہ ٻار فوت ٿيڻ تي دلي افسوس آھي، جنھن جي بہ ڪوتاھي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ھڪٻئي کي ذميوار قرار ڏيڻ افسوسناڪ آھي.

ذريعن موجب وڏي وزير جي ھدايت ڏني تہ سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪيو وڃي، چيف سيڪريٽري اڄ ئي ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري.

وڏي وزير جي ھدايت تي مڪاني کاتي بلديہ عظميٰ ڪراچي جي سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز عمران راجپوت کي معطل ڪري ڇڏيو.

ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گلشن اقبال جي اسسٽنٽ انجنيئر راشد فياض ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر وقار احمد کي بہ معطل ڪيو ويو آھي.

اسسٽنٽ ڪمشنر گلشن اقبال عامر علي شاھ ۽ مختيار ڪار گلشن اقبال سلمان فارسي کي بہ معطل ڪيو ويو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں