ڪراچي: ڪي ايم سي نيپا پل ويجھو کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل ٻارڙي واري واقعي جو ذميوار بي آر ٽي ۽ خانگي اسٽور انتظاميہ کي ڏئي ڇڏيو آھي..
ڪي ايم سي گلشن اقبال ٽائون ۾ نيپا پل ويجھو خانگي اسٽور سامھون ٻار گٽر ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت جاچ رپورٽ مڪاني کاتي واري سيڪريٽري ڏانھن اماڻي ڇڏي آھي.
سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز عمران راجپوت رپورٽ ۾ لکيو تہ ميئر ڪراچي جي حڪم تي ميونسپل سروسز ٻار جي ڳولا لاءِ آپريشن ڪيو، گلشن ٽائون جي لنڪ نالي وٽان ٻار جو لاش مليو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تہ معائني ۾ ثابت ٿيو تہ حادثي جا ڪارڻ بي آر ٽي اڏاوت ھئي، بي آر ٽي منصوبي جي کوٽائي جي سبب نالي جي پوري نيڪاسي جي نظام کي نقصان پھتو، عارضي 2 فٽ جا ڪور لڳائي گٽرن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي.
ڪي ایم سی جي جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تہ ريڊ لائين منصوبي جي پاران هڪ هنڌ مين هول کليل ڇڏڻ سبب سانحو پيش آيو، اهو طريقو ۽ غير معياري ڍڪڻ ڪڏهن بہ ڪي ایم سي استعمال نہ ڪيا آھن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تہ بي آر ٽي ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ڪي ايم سي کي آگاهہ نه ڪيو، کوٽائي بي آر ٽي ڪئي ۽ پوءِ صورتحال کي نظرانداز ڪيو ويو ، خانگي اسٽور انتظاميا ۽ بي آر ٽي جي غفلت سبب ٻار گٽر ۾ ڪري پيو، آفيسرن جي نگراني ۾ کوٽيل سڀ کڏا ڀريا ويا آهن…
سي سي ٽي وي فٽيجز سامھون اچي ويا
نيپا چورنگي ويجھو کليل ھول ۾ ڪري ٻڏي ويل ٻارڙي واري واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز سامھون اچي ويا آھن
فٽيجز ۾ ٻار کي والدہ سان شاپنگ سينٽر مان نڪرندي ۽ پوءِ والد طرف ڀڄندي ڏسي سگھجي ٿو، ان دوران ٻارو مين ھول ۾ ڪري پيو.
واقعي وقت ٻار جا والين دانھون ڪندا رھيا ، اتي ماڻھو گڏ ٿي ويا ۽ ٻار کي ڪڍڻ جون ڪوششون ڪيون.
ڪراچي ۾ رڳو ھلندڙ سال 5 ٻارن سميت 24 شھري کلي نالن ۽ گٽرن ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي چڪا آھن.
فوتي ٻار جي والد پاران پاڻ ڍڪڻ لڳائڻ جو اعلان

ٻئي پاسي نيپا چورنگي ويجھو کليل ھول ۾ ڪري فوت ٿيل ابراھيم جي والد حڪومت کان مايوس ٿي پاڻ ڍڪڻ لڳائڻ جو اعلان ڪيو آھي
عالمي ميڊيا سان ڳالھائيندي ابراھيم جي والد روئندي ٻڌايو تہ مان ڪنھن کي چوان؟ منھنجو پٽ فوت تہ ھليو ويو، انھن خلاف ڪارروائي ڪير ڪندو؟
ابراھيم جي والد جو چوڻ ھو تہ سندس پٽ 14 کان 15 ڪلاڪ پاڻي ۾ ٻڏل رھيو، ان کي ڪڍڻ لاءِ ڪير بہ نہ آيو، حڪومت کي چوندس تہ اوھان گٽرن جا ڍڪڻ نٿي لڳرائي سگھي تہ ھي ڪم مان پاڻ شروع ڪيان تہ جئين ڪنھن ٻئي ٻار جي جان نہ ھلي وڃي.
ھن چيو تہ منھنجو نمبر لکي ڇڏيو، عوام مونکي فون ڪري، ان جي گھر آڏو گٽر کليل آھن تہ مان ڍڪڻ لڳائيندس.
ابراهيم جي والد چيو تہ جيترن به ڊپارٽمينٽل اسٽورن جي سامهون گٽرن کي ڍڪڻ ناهن لڳل، اهي سڀ مان وڃي لڳائيندس.