ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ/ ڪراچي
اسرائيل ۾ 7 آڪٽوبر 2023 تي حماس طرفان يرغمال بڻايل فوجن ۽ عام شهرين جا وارث ۽ هزارين شهري وزير اعظم نيتن ياهو جي حڪومت خلاف روڊن تي نڪري آيا آهن.
حماس طرفان يرغمال بڻايل بڻيل شخص متن زنگوڪر جي ماءُ اينائو زنگوڪر تل ابيب ۾ نيوز ڪانفرنس دوران پنهنجي ملڪ جي وزير اعظم نيتن ياهو کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.
عورت جو چوڻ هو ته: 690 ڏينهن کان حڪومت بنا ڪنهن واضح مقصد جَي جنگ وڙهي رهي آهي، اڄ اِها ڳالهه واضح ٿي وئي ته نيتن ياهو رڳو عوامي دٻاءُ کان ڊڄي ٿو، اسان اِها جنگ هڪ سال اڳ ختم ڪري پئي سگهياسين ۽ سموريون قيدين توڙي فوجي اهلڪارن کي گهر واپس آڻي پئي سگهياسين.
عورت دانهيو ته اسان اِنهن ماڻهن کي بچائي پئي سگهياسين پر وزير اعظم نيتن ياهو پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ عام ماڻهن کي قربان ڪيو.
بي بي سي اردو موجب وزير اعظم نيتن ياهو خلاف روڊن تي نڪتل هزارين مظاهرين حماس جي قيد ۾ موجود قيدين جي واپسي ۽ جنگبندي چاهين ٿا.
تل ابيب ۾ احتجاج ۾ شامل 27 ورهين جو آدي چوَي ٿو ته اسرائيل ۾ ماڻهن جِي اڪثريت امن چاهي ٿي ۽ اُنهن جو خيال آهي ته جنگبندي سان اِن امن جي شروعات ٿيندي.
تل ابيب ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاجي ريليز ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪالهه کان جاري احتجاج دوران مظاهرين ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪيو.

خطي ۾ ٽياڪڙي ڪندڙن 60 ڏينهن جي جنگبندي جو پرپوزل پيش ڪيو، جڏهن ته اسرائيل اِن آڇ کي قبول نه ڪيو، اسرائيلي حڪومت جو چوڻ هو ته هو هڪ جامع معاهدي تي رضامندي ظاهر ڪندي، جنهن تحت سمورا قيدين جي آزادي ممڪن هجي.
ٻئي پسي غزه ۾ فلسطيني پنهنجي علائقو ڇڏي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته گذريل رات به اُتي اسرائيل طرفان شديد شيلنگ ڪئي وئي.
غزه ۾ هن وقت 50 يرغمالي موجود آهن ۽ چيو پيو وڃي ته انهن مان 20 ڄڻا اڃا به جيئرا آهن.
عالمي برادري ”بيوقوف ناهي“: قطر جا اسرائيل تي معاهدي ۾ ديرجا الزام

قطر جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ تجويز ڪيل معاهدو ”ميز تي موجود آهي“، پر ان جو جواب ڏيڻ يا نه ڏيڻ اسرائيل تي دارومدار رکي ٿو۔
هفتيوار بريفنگ دوران قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر ماجد الانصاري چيو ته دوحه مان ڳالهين کي ڪنهن ٻي هنڌ منتقل ڪرڻ جون ڳالهيون اسرائيل جا ”هربا آهن، جن جو مقصد معاهدي ۾ دير ڪرڻ آهي.“
هن چيو ته ”مان نٿو سمجهان ته عالمي برادري بيوقوف آهي، اسان کي خبر آهي ته انهن هربن جو مطلب ڇا آهي۔“
ڊاڪٽر ماجد الانصاري وڌيڪ چيو ته ”هاڻي سڀ کان اهم ڳالهه اِها آهي ته اسرائيل کي تجويز ڪيل معاهدي تي جواب ڏيڻو پوندو.“
هن وڌيڪ چيو ته ”ماضي ۾ هو ان (تجويز ڪيل معاهدي) تي راضپو ظاهر ڪري چڪا آهن ۽ هاڻي ان کان ڦري ويا آهن۔“