اسلام آباد: نيب پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز خلاف چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ لاھور ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي وفاقي آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آھي.
نيب پاران وفاقي آئيني عدالت ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو آھي تہ لاھور ھاءِ ڪورٽ مريم نواز خلاف جاچ ختم ڪرڻ جي نيب چيئرمين جي اختيار ۾ مداخلت ڪئي، چوڌري شگر ملز ڪيس خانگي نوعيت جو آھي، ان ۾ سرڪاري خزاني کي ڪو بہ نقصان ناھي پھتو ۽ جاچ ۾ مريم نواز خلاف ڪرپشن يا ڪرپٽ پريڪٽس جو ڪو ثبوت سامھون ناھي آيو
نيب جي درخواست ۾ چيو ويو آھي تہ لاھور ھاءِ ڪورٽ نيب ترميم جي سيڪشن 31 بي ( 1 ) جي غلط تشريح ڪئي، نيب چيئرمين وٽ ريفرنس داخل ڪرڻ کان پھريان ڪنھن بہ ڪارروائي کي ختم ڪرڻ جو مڪمل قانون اختيار آھي، لاھور ھاءِ ڪورٽ انڪوائري ختم ڪرڻ کي احتساب عدالت جي منظوري سان مشروط ڪري قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي.
نيب پنھنجي درخواست ۾ لاھور ھاءِ ڪورٽ جو 4 فيبروري 2026 جو حڪم ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي…..