ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهہ نون صوبن بابت ٿيندڙ بحث کي رد ڪندي چيو آھي تہ نون صوبن جي ڳالهہ هڪ ڪن مان ٻڌو ۽ ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيو، ڪنھن کي بہ سنڌ ورھائڻ جي طاقت ناھي.
ڪراچي ۾ سنڌ ڪرافٽ فيسٽيول جي افتتاحي تقريب بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاھ نون صوبن جي قيام بابت ٿيندڙ بحث کي رد ڪندي چيو تہ نون صوبن جي ڳالهہ هڪ ڪن مان ٻڌو ۽ ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيو، الله کانسواءِ ڪنهن کي بہ سنڌ کي روھائڻ جي طاقت ناهي.
مراد علي شاھ چيو تہ بلاول ڀٽو زرداري اڳ ئي 18 ھين ترميم ۾ تبديلي ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي حصي ۾ گھٽتائي جون تجويزون رد ڪري چڪو آھي، اهي معاملا تجويز ڪيل 27هين ترميم ۾ رد ڪيا ويا هئا.
سنڌ ۾ گورنر جي تبديلي بابت سوال تي مراد علي شاهہ واضح ڪيو تہ ان معاملي ۾ صوبائي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جو ڪو بہ ڪردار ناھي، گورنر جي مقرري اسان جي مشوري سان ناھي ڪئي ويندي.
پنھنجي ذاتياتي پس منظر بابت ڳالهائيندي هن چيو ته مان وڪيل جو پٽ آهيان ۽ تمام سٺن وڪيلن جي صحبت ۾ گهڻو وقت گذاريو آهي، جيڪڏھن ڪنهن وٽ دليل آهن تہ انهن لاءِ عدالتون موجود آهن،وڪيلن کي پنھنجو موقف رستن بدران ڪورٽن ۾ ڏيڻ گھرجي، احتجاج ۾ عوام کي تڪليف نہ ڏيڻ گھرجي.
ھن چيو تہ ڪارونجھر اسان جو اثاثو آھي پر ڪنھن کي بہ ترقيءَ ۾ رنڊڪ بڻجڻ نہ ڏنو ويندو، ترقي جي نالي تي اثاثن سان ھٿ چُراند نہ ڪئي ويندي
وڏي وزير وڌيڪ چيو تہ پيپلزپارٽي حڪومت نوڪرين لاءِ عمر جي حد ۾ رعايت 43 سالن تائين رکي ھئي پر عدالت روڪي ڇڏيو….