نوشھرہ ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي، 4 ٻارڙن سميت 5 ڄڻا فوت، 3 زخمي

فہرستِ مضامین

خيبر پختونخوا جي ضلعي نوشهرہ ۾ هڪ گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 4 ٻارڙن سميت 5 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

نوشهرہ جي تعلقي پبي جي علائقي ڊاگ جديد ۾ هڪ گهر جي ڇت اوچتو ڪري پئي، نتيجي ۾ ڪمري ۾ موجود 8 ڄڻا مبلي ھيٺان دٻجي ويا

ريسڪيو ٽيمن موجب حادثي ۾ 5 ماڻهو ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جن ۾ 4 ٻار بہ شامل آهن، جڏھن تہ ڇت ڪرڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿيا.

فوتين ۾ 30 ورھين جو رضوان، 9 ورھين جي وليدہ، 6 ورھين جو ايان، 5 ورھين جي حفصہ ۽ 4 ورھين جي دعا شامل آهن.

ريسڪيو اهلڪارن وڏي ڪوششن کانپوءِ سمورن دٻيل ماڻهن کي ملبي مان ٻاهر ڪڍيو ۽ زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد پبي اسپتال منتقل ڪيو.

ريسڪيو عملدارن موجب گهر تمام گھڻو پراڻو ۽ ڪمزور هو، جنهن سبب هي افسوسناڪ واقعو پيش آيو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں