نوشھروفيروز جي علائقي دڙي ٻوھيا واري علائقي ۾ اڻڄاتل ھٿياربندن سول جج امجد علي ٻوھيو جي گھر تي فائرنگ ڪئي، سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار نوٽيس وٺندي ايس ايس پي کان تفصيل گهري ورتا آهن.
پوليس موجب سول جج امجد علي ٻوھيو جي گھر تي فائرنگ جو واقعو رات دير سان پيش آيو، ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو.
جنهن وقت گهر تي فائرنگ ٿي، اُن وقت سول جج گهر ۾ موجود هو يا نه، ان حوالي سان پوليس ڪجهه به ناهي ٻڌايو.
ذريعن موجب پوليس واقعي بعد نيو جتوئي ويجھو ڳوٺ قابل خان کوسو تي چڙھائي ڪري ھڪ ڄڻي کي حراست ۾ ورتو آھي. ذريعن جو چوڻ آھي تھ واقعو کوسا ۽ ٻوھيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جاري تڪرار تان پيش آيو آھي.
ايس ايس پي کي جوابدار پڪڙڻ جو حڪم

سنڌ جي گھرو وزير ضياءَ لنجار سول جج جي گھر تي حملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي نوشھروفيروز کان تفصيل طلب ڪري ورتا آھن. ضياءَ لنجار ايس ايس پي کي حڪم ڏنو تھ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي.
صوبائي گھرو وزير ضياءَ لنجار چيو تھ ٻڌايو وڃي تھ واڳيل علائقي جي پوليس سيڪيورٽي لاءِ ڪھڙا انتظام ڪيا ھئا، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ فوري طور پوليس جون ٽيمون جوڙيون وڃن ۽ انٽيليجنس اھلڪارن کي متحرڪ ڪيو وڃي.
صوبائي گھرو وزير ايس ايس پي کي ھدايتون ڏنيون تھ امن امان تباھھ ڪندڙ ۽ ڏھڪاءُ پکيڙيندڙن کي ڪنھن بھ صورت ۾ نھ ڇڏيو وڃي، واقعي جي جاچ ۽ جوابدارن تائين فوري رسائي لاءِ پوليس جي ڪنھن ماھر ٽيم کي ٽاسڪ ڏنو وڃي.