نوجوان عرفان جو موت دل جي دوري سبب ٿيو، جسم تي تشدد جا نشان نہ ھئا: ايس آءِ يو

فہرستِ مضامین

 اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) جي حراست ۾ مبينا تشدد سبب فوت ٿيل نوجوان جي واقعي بابت نئين اڳڀرائي سامهون آئي آهي۔

ايس آءِ يو اختيارين موجب شروعاتي جاچ ۾ اهو ظاهر ٿيو آهي تہ نوجوان عرفان جو موت دل جي دوري سبب ٿيو، ۽ سندس جسم تي تشدد جا نشان موجود نہ ھئا.

اختيارين موجب  عرفان کي حساس هنڌن جون تصويرون ڪڍڻ تي حراست ۾ ورتو ويو هو، جڏھن تہ ساڻس گڏ گرفتار ڪيل ٽي ٻين ساٿين کي جاچ ۽ ميڊيڪل بعد آزاد ڪيو ويو.

ايس آءِ يو اختيارين جو چوڻ آهي ته لاش ڪيترائي ڪلاڪ اسپتال ۾ پيل هئڻ سبب ان تي ڪجھ نشان پئجي ويا، پر جيڪڏھن پوليس اھلڪارن جي ڪنهن به قسم جي غفلت ثابت ٿي تہ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔

اختيارين موجب عرفان جو پوسٽ مارٽم مجسٽريٽ جي موجودگي ۾ ڪرايو ويو آهي، ۽ مڪمل پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ تفصيل سامهون ايندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں