لاهور: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي تہ نوان صوبا اڳ ۾ اتي ٺاهيا ويندا، جتي اتفاق راءِ موجود هجي.
لاهور ۾ سينيئر صحافين سان گفتگو ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قومي اسيمبلي ۾ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ اڳ ئي ڪجهہ علائقن تي گڏيل موقف موجود آهي، 20 نوان صوبا ٺاهڻ بدران اڳ ۾ انهن علائقي ۾ عملدرآمد ڪيو وڃي، جتي اتفاق راءِ آهي.
هن ياد ڏياريو تہ ان وقت پ پ وٽ قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت نہ هئي، ج ڏھن نوان صوبا ٺاهڻ تي فيصلو ڪيو ويو هو، پارٽي جي پنهنجي تجويزن تي عملدرآمد جلد ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪو ڪم طئي هو، اهو جاري آهي…